شهيد بادشاهه جندل ڪلهوڙي جي درگاهه

شهيد بادشاهه جندل ڪلهوڙي جي درگاهه

شهيد بادشاهه جندل ڪلهوڙي جي درگاهه

شهيد بادشاهه جندل ڪلهوڙي جي درگاهه: هيءَ درگاهه خيرپور ضلعي جي تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ صدر جون ڀٽيون ۾ واقع آهي. هن درگاهه ۾ مدفون شهيد بادشاهه جندل ڪلهوڙي جو ساليانو عرس 13 رجب تي نهايت عقيدت ۽ احترام پر سادگي سان ملهايو ويندو آهي. هن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته چانڊيا قبيلي جي هڪ فرد، کيس شهيد ڪيو هو، جنهن کي پوءِ گرفتار ڪري خان ٽالپر '>مير علي مراد خان ٽالپر (پهرئين) جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن کي بزرگ کي شهيد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسي جي سزا ڏني وئي. درگاهه جي اڳوڻي عمارت زبون حاليءَ جو شڪار ٿي وئي هئي، جنهن بعد ان جي مرمت ڪري درگاهه کي نئين سر تعمير ڪيو ويو آهي. هيءَ درگاهه هڪ چؤڪنڊي ڪمري جيتري ايراضيءَ تي مشتمل آهي، مٿان هڪ وڏو گول گنبذ اٿس، جنهن مٿان ڪلس پڻ جوڙيو ويو آهي، سائي رنگ جي هن گنبذ جي چؤڌاري اڇي رنگ جي گلڪاري پڻ ٿيل آهي. درگاهه کي هڪ ئي لنگهه آهي، جنهن ۾ دروازو ۽ مٿئين حصي ۾ ورن وڪڙن سان مخروطي ڊزائين ڏنل آهي. سامهون وارا ٻه مينار زمين کان مٿي تائين وڃن ٿا، جن تي ڪاشيءَ جون سرون لڳايون ويون آهن. درگاهه جي ٻن پاسن وارين ڀتن تي هڪ هڪ ننڍي دري پڻ آهي. مهڙ واري ڀت تي در مٿان تاج نما ڄاري ۽ آسپاس کان به سيمنٽ جون ٺهيل ڄاريون نصب آهن. هيٺين حصي ۾ زيبائش لاءِ پلاسٽر آف پيرس جا سفيد گل ۽ ان کان هيٺ وچ، کاٻي ۽ ساڄي پاسي پنجتن پاڪ جا نالا درج آهن.
مقبري جي مهاڙي خوبصورت پانيلن سان سجايل آهي. تر کان ڇت جي پلويڙن تائين پانيل آهن، وچ تي لنگهه وارو دروازو ۽ ان جي مٿان محرابي نموني جو تاج ٺهيل آهي. پاسن کان ننڍن پانيلن سان خوبصورت دريون آهن. اٺ ڪنڊي ڳچ (Drum) تي ڦارائو گنبذ ٺهيل آهي، جنهن تي ابتو ڪنول جو گل ۽ ان ۾ ڪلس ۽ جهنڊو لڳل آهي. مقبرو سنڀاليل آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو